SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


نظريي يا ضابطي جو مثالي نمونو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


نظريي يا ضابطي جو مثالي نمونو

Paradigm

پئراڊائيم

ڪو به تصور، خاڪو نمونو يا ماڊل، جيڪو سائنسي طرح ثابت نه ڪري سگهجي، پر اهو سوچ جي طريقي ۾ تبديليءَ جو باعث بڻجڻ جي اهليت رکندو هُجي. هن تصور ۾ نظرياتي، تصوراتي ۽ خيالي، پر عمل جوڳا نت نوان ڪردار يا نمونا پيش ڪيا وڃن ٿا، جن کي جديد دور ۾ ”پيراڊائم“ سڏيو وڃي ٿو. بين الاقوامي تعلقات جي ماهرن، هن تصور کي سائنسي دؤر اچڻ کان پوءِ تمام گهڻو تبديل ٿيندي ڏٺو. اهو تصور ڪنهن دؤر ۾ صرف خيالي يا تصوراتي بنيادن تي ٻڌل ادراڪ طور مڃيو ويندو هيو، پر ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ۽ ”سرد جنگ“ جي شروع ٿيڻ سان ، بين الاقوامي تعلقات جي علم کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي ۽ اُن کي تصوراتي نظرين کان وڌيڪ عملي حيثيت رکندڙ عملي ڊسيپلين طور سڃاتو ويو. هي اصطلاح اڪثر ڪري امن جي تصورن کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو ان قسم جي صورتحال مختصر ۽ عارضي طريقي جي هوندي آهي ۽ مسلسل تبديل ٿيندي رهندي آهي. ان حوالي سان جرمن مذهبي عالم ’هئنس ڪونگ‘ (Hans Kung) ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جو مثال ڏيندي ٻُڌائي ٿو، ته ان حادثي، جنگي تصورن جي دُنيا ۾ مُڪمل انقلاب آڻي ڇڏيو. ان تسلسل ۾ دُنيا جي ڪنهن به سرشتي يا موضوع ۾، سوچ جي حوالي سان روايتن جي خلاف ايڏي وڏي تبديلي اچي وڃي، جيڪا ان سرشتي يا موضوع بابت پراڻن تصورن کي بدلائي بلڪل نوان گس ۽ پيچرا نروار ڪري، ته اهڙي صورتحال کي ”تصورن جي فيصلائتي يا مڪمل تبديلي“ (Paradigm Shift) جي عُنوان سان بيان ڪيو ويندو آهي. جيئن نامياري سائنسدان ’البرٽ آئنسٽائين‘ جي نسبتي نظريي (Theory of Relativity) طبيعيات جي علم ۾ نيوٽن جي روايتي طبعي قانون کي رد ڪندي، نوان تصوراتي خاڪا متعارف ڪرايا ۽ طبعيات جي دُنيا ۾ سوچ جا نوان سلسلا جاري ڪري ڇڏيا. ساڳي طرح سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي يورپي ڏاهن، حڪومتي سرشتي ۽ سماج بابت صدين کان هلندڙ روايتي سوچن ۾ انقلابي تبديلي آڻي، جمهوريت، برابري ۽ انساني حقن جو احترام ڪندڙ نوان اصول/ قاعدا پڌرا ڪري، سياست ۽ بين الاقوامي تعلقات کي انتهائي نئون موڙ ڏيئي ڇڏيو. اهي اصول مُختلف بحُرانن يا مامرن بابت اهڙا اڻ ڇُهيل تصور فراهم ڪن ٿا، جيڪي سوچ ۾ نوان رُخ پيدا ڪندي ڪنهن به معاملي ڏانهن نئين ۽ عمل جوڳي رويي اختيار ڪرڻ تي اُتساهين ٿا.


Remember Me Also:

ساڌ پائي

ث. فقير پائي ، درويشي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal